14 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرن کي ملازمت تي ڀرتي نه ڪرڻ جو بل سينيٽ مان منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اسلام آباد ۾ ٻارن جي روزگار تي پابندي جو بل منظور ڪري ورتو.
سينيٽر فوزيا ارشد پاران پيش ڪيل بل جي متن موجب 14 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪرن کي ملازمت تي ڀرتي نه ڪيو ويندو ۽ 14 سالن کان وڏي عمر جي ڇوڪري کي ڪو نقصانڪار ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو.
بل جي متن موجب 14 سالن کان وڏي عمر جا ڇوڪرا 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪندا ۽ اهڙي ملازمت ڪري سگهندا، جنهن سان سندن تعليم متاثر نه ٿئي، جڏهن ته انهن کان شام 7 وڳي کان صبح 8 وڳي دوران ڪم نه ورتو ويندو.
بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 14 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري کي ملازمت تي رکڻ تي 6 مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ هوندو، ٻار کي نقصانڪار ڪم لاءِ ڀرتي ڪرڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ 3 سالن تائين قيد، جڏهن ته غلامي، جبري پورهئي يا هٿياربند تڪرار ۾ استعمال ڪرڻ تي 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ 3 سال سزا هوندي.
متن موجب ٻار کي پورنوگرافي لاءِ استعمال ڪرڻ تي 10 لک رپيا ڏنڊ، 3 سال قيد جي سزا هوندي، جڏهن ته منشيات لاءِ استعمال تي به اها ئي سزا هوندي.