ڄامشورو ۾ عورتن لاءِ قانوني آگاهي سيشن، حقن جي ڄاڻ ۽ بااختياري تي زور

Spread the love

ڄامشورو( رپورٽ :محمد وارث)-گاڊ گفٽيڊ اسپيشل پرسنز ويلفيئر آرگنائيزيشن  پاڪستان انڊيپينڊنٽ ليونگ سينٽر ڄامشورو ۾ عورتن لاءِ عدالتي شعبي جي  پروگرام تحت هڪ موبائل ڪميونٽي قانوني آگاهي سيشن منعقد، گاڊ گفٽيڊ اسپيشل پرسنز ويلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان انڊيپينڊنٽ ليونگ سينٽر ڄامشورو سي آءِ ڊي پي ۽ سي پي ڊي آءِ جي تعاون سان،

سي پي ڊي آءِ ۽ ٽي اي ايف جي سهڪار سان، عورتن لاءِ عدالتي شعبي جي پروگرام تحت هڪ موبائل ڪميونٽي قانوني آگاهي سيشن منعقد ، هن سيشن جو مقصد عورتن کي انهن جي قانوني حقن کان آگاهه ڪرڻ، انصاف تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ ۽ سماج ۾ بااختيار بڻائڻ جي عمل کي فروغ ڏيڻ آهي،

هي آگاهي مهم نه رڳو عورتن کي انهن جي بنيادي قانوني حقن کان آگاهه ڪندي پر انهن کي انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قانوني ذريعن تائين رسائي ۾ پڻ مدد ڪندي،  گڊ گفٽيڊ اسپيشل پرسنز ويلفيئر آرگنائيزيشن هميشه محروم خاص ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سرگرم رهي آهي، ۽ هن سيشن جو انعقاد هن سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو