وفاقي ڪابينا پاران خيبر پختونخواهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف خيبر پختونخواهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سرگرمين تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ وفاقي ادارن کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته مصيبت جي هن گهڙي ۾ متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي يقيني بڻائڻي آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي شاهراهن جي بحالي ۾ صوبائي يا قومي شاهراهن جو فرق نه ڪري، امداد لاءِ رستا کولڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، وفاق فوتين جي وارثن ۽ متاثرن کي جلد وزيراعظم پيڪيج تحت امدادي رقم به ڏيندو.
شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي اين ڊي ايم اي کي ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي متاثرن جي مدد لاءِ متحرڪ ٿيڻ جي به هدايت ڪئي.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو