ن ليگ جو راڻا ثناءُ الله کي سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا ثناءُ الله کي سينيٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته ن ليگ صدر نواز شريف راڻا ثناءُ الله کي پنجاب اسيمبلي مان سينيٽ جي جنرل سيٽ تي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي.
هن ٻڌايو ته اعجاز چوڌري جي نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ 9 سيپٽمبر تي ٿيندي.