ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سب انسپڪٽر شهيد، جنازي ۾ پوليس آفيسرن ۽ علائقي واسين جي وڏي انگ جي شرڪت

Spread the love

ملير(ڊر ) بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان گهر اڳيان لڳڻ سبب شهيد ٿي سب انسپڪٽر اڳوڻو گهگهر چوڪي انچارج محمد خان ابڙو جي جنازي نماز اسٽيل ٽائون جي علائقي گلزار مدينا ۾ ادا ڪئي وئي  شھيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ ڊي آئي جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ  لنجار ،

ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو ايس ايس پي عرفان بهادر ، ايس پي ملير ۽ ٻيا  آفيسر علائقي واسين جي وڏي انگ شريڪ ٿيا شھيد سب انسپڪٽر محمد خان ابڙو کي سلامي پيش ڪري اعزاز سان فلٽرپلانٽ قبرستان ۾ مٽي حوالي ڪيو ويو  شھيد جي قاتل کي ڪهيرڪردار تائين پهچايو ويندو ۔ڊي آئي جي ايسٽ  جلدي قاتل گرفتار ڪيا ويندا  وارثن سان گڏ ۾ برابر جا شريڪ آھيون

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو