عدالتي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت تي جج کي 24 ڪلاڪن ۾ شڪايت داخل ڪرائڻي پوندي: چيف جسٽس جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي ڪيسن کي اُڪلائڻ لاءِ ٽائيم فريم جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ملڪيت جي تڪرارن جا ڪيس 24 مهينن ۾، وراثت، پبلڪ ريونيو ۽ رقم سان لاڳاپيل ڪيس 12 مهينن ۾، ننڍي عمر وارن جا فوجداري ڪيس 6 مهينن ۾ ۽ قتل ڪيسن جي ٽرائل لاءِ 24 مهينن جو مدو مقرر ڪيو ويو آهي.
چيـف جسٽس پاڪستان يحيٰٰ آفريدي جي صدارت ۾ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني هاءِ ڪورٽن جا چيـف جسٽس۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس جي پڌرائي موجب، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته هڪ گڏيل ميڪنزم جي ضرورت آهي ته جيئن گرفتار ٿيل شـخص کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو وڃي.
اٽارني جنرل واعدو ڪيو ته اهڙو ميڪنزم تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.
پڌرائي چيو ويو آهي ته عدالتي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت بابت ايس او پيز جو جائزو ورتو ويو ۽ طئي ڪيو ويو ته اهڙي مداخلت 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ ڪئي وڃي ۽ 14 ڏينهن اندر ان تي ايڪشن ورتو وڃي. ايس او پيز ۾ شڪايت ڪندڙ جج جي وقار کي محفوظ رکيو ويندو.
پڌرائي موجب، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪمرشل ڪيسن لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ لاءِ جسٽس محمد شفيع صديقي جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ جسٽس عابد عزيز شيخ (لاهور هاءِ ڪورٽ)، جسٽس آغا فيصل (سنڌ هاءِ ڪورٽ) ۽ جسٽس ارشد علي (پشاور هاءِ ڪورٽ) شامل هئا، ان ڪميٽي ۾ اٽارني جنرل ۽ چيئرمين ايف بي آر به شامل هئا.
پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميٽي هاءِ ڪورٽن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته مختلف نوعيت جي ڪيسن لاءِ هڪجهڙا ٽائيم فريم مقرر ڪيا ويا آهن ڪرايي وارن ڪيسن، فيملي دعوائن وارن ڪيسن کي ختم ڪرڻ جو مدو 6 مهينا مقرر ڪيو ويو آهي، بئنڪنگ ڪورٽ ڊگري وارن ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ 12 مهينن جي مدت مقرر ڪئي وئي، ننڍي عمر وارن ٻارن جي ڏوهن تي فوجداري ڪيسن کي 6 مهينن ۾ ختم ڪرڻ جي مدت مقرر ڪئي وئي، ست سال تائين سزا يافته فوجداري ٽرائل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيسن کي 12 مهينن ۾ ختم ڪرڻ جي ٽائيم لائين مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته ستن سالن کان وڌيڪ سزا تي 18 مهينن جي ٽائيم لائين طئي ڪئي وئي، قتل ڪيس کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجداري ٽرائل جو مدو 24 مهينا مقرر ڪيو ويو، ليبر ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ 6 مهينا هوندا، اهو به چيو ويو آهي ته ٽائيم لائين ذريعي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو.
اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽن ۽ ضلعي عدالتن ۾ عوام دوست شڪايتن جي ازالي لاءِ فورم قائم ڪيا ويندا، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽس چاهين ته ماڊل ڪورٽون قائم ڪري ضلعي سطح تي ٽارگيٽ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري سگهن ٿيون.
ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن کي ماڊل سول ڪورٽن ۾ ٽائيم بائونڊ ٽرائل ريجم تحت ڪيس ڏنا ويندا، صوبائي جيل سڌارن جون ماتحت ڪميٽيون پنهنجي رپورٽون هاءِ ڪورٽن ۾ پيش ڪنديون ۽ ايندڙ اجلاس ۾ قومي جيل پاليسي تيار ڪئي ويندي.
اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته خاص عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ عدالتي آفيسرن جي واپسي ۾ دير جي مسئلي کي حقيقت پسندي سان ڏٺو ويندو ۽ هاءِ ڪورٽن کي اڪائونٽنٽ جنرلز سان هم آهنگي ذريعي آڊٽ آفيسرن جي مقرري ۾ سهولت ڏني ويندي، جيئن انٽرنل آڊٽ ٿي سگهي.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ 1997 ۽ لاڳاپيل صوبائي قانونن تحت جيڪي ڪيس ٻن ججن تي ٻڌل بئنچ کي ٻڌڻا پوندا، انهن ۾ ضمانت جون درخواستون به ساڳي ئي بئنچ ٻڌندي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيـف جسٽس خاطري ڪرائي ته ڪيسن جي داخلا وقت بائيو ميٽرڪ تصديق جي شرط تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان جي اڳڀرائي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.
قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 16 آڪٽوبر 2025 تي ٿيندو.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو