سڪرنڊ ۾ پاڪستان چوھاڻ اتحاد جي چيئرمين جو دورو، نئين باڊي جي اعلان ۽ برادري جي شموليت جو اعلان

سڪرنڊ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ)سڪرنڊ پاڪستان چوھاڻ اتحاد جي مرڪزي چئيرمين يوسي ڪائونسل دليل ديرو جي چئيرمين غلام نبي چوھاڻ پاران ٿر لاڙ ڇاڇرو ٿرپارڪر ننگرپارڪر مٺي سجاول جي علائقي م تنظيمن جو دؤرو ڪيو ويو جڏهن تہ غلام نبي چوھاڻ خطاب ڪندي چيو تہ پوري پاڪستان سنڌ پنجاب سميت نئي باڊي جو اعلان ڪيو ويندو ھنن چيو تہ اسان پنهنجي برادري جي ڏک سک سان گڏ هونداسين اسان ھميشه جيان پنهنجي برادري جو ساٿ ڏنو آهي ساٿ ڏينداسين اينداسين چوھاڻ برادري جو ڪو به ماڻهو پاڻ کي اڪيلو نه سمجھي اسان ھر وقت گڏ آھيون
جڏهن تہ مختلف برادرين پاران پاڪستان چوھاڻ اتحاد م شموليت جو اعلان پڻ ڪيو ويو ان موقعي تہ عبدالقادر چوھاڻ محمد ادريس چوھاڻ عرفان علي چوھاڻ محمد امين چوھاڻ غلام معصوم چوھاڻ پاران پاڪستان چوھاڻ اتحاد جي ٽيم کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پڻ ڏنا ويا ان موقعي تہ مير محمد چوھاڻ سيٺ بھادر چوھاڻ عبدالحڪيم چوھاڻ لياقت چوھاڻ ۽ ٻيا برادري جو معزز شخصيت پڻ موجود هئا
آگسٽ 19, 2025