سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن پوليو جا وڌيڪ ٻه ڪيس سامهون اچي ويا، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال ڪيسن جو انگ 21 ٿي ويو آهي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر تصديق ڪئي آهي ته سنڌ جي ضلعي بدين ۽ خيبر پختونخواهه جي ضلعي لوئر ڪوهستان مان نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
اختيارين چيو ته پوليو هڪ لاعلاج مرض آهي، جنهن کان بچاءُ رڳو وقت سر ويڪسينيشن سان ئي ممڪن آهي.

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو