دادو: گئس ليڪ ڌماڪي ۾ مڙس کان محروم ٿيل بيواھ عورت جا ٻار به کسجي ويا، انصاف لاءِ لڙڪ هاري دانهن

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ڪجھ سال اڳ دادو ۾ گئس ليڪ سبب ٿيل ڌماڪي ۾ فوت ٿيل زبير قريشي جي گهر واري، اڳوڻي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر غلام نبي قريشي جي نُهن عارفه قريشي دربدر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وئي. عارفه قريشي وڊيو بيان جاري ڪندي الزام لڳايو آهي ته سندس مڙس سميت ٽن گهرڀاتين جي موت بعد کيس ڏاڍائي سان پنھنجي ٻارڙن کان به محروم ڪيو ويو آهي. عارفه قريشي موجب مڙس جي فوت ٿيڻ کان ٽي مهينا پوءِ سندس سهرو به گذاري ويو،

جنهن بعد ڏيرن ذوالفقار قريشي ۽ ٻين گهرڀاتين کيس اڍائي سال اڳ بي گهر ڪري ڇڏيو، ڏاج جو سمورو سامان ۽ سون زيور به هڙپ ڪري ويا. هن چيو ته دردناڪ واقعي ۾ سندس مڙس زبير قريشي سميت ٽي ڄڻا سڙي فوت ٿيا، ڪيس عدالت ۾ داخل هو جنهن جي پيروي سندس ڏير ڪري رهيا هئا، پر کيس ڄاڻ ناهي ته ڪيس جو ڇا ٿيو، هن الزام هنيو ته گئس انتظاميان پاران بار بار هرجاڻي جي آڇ ٿيڻ باوجود اسان کي ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو ۽ ڪيس ختم ڪرايو ويو بنا اعتماد ۾ ورتي،.

ھن چيو ته اوچتو سندس ٻه جاڙا ٻار 8 سالن جي نڌت فاطمه ۽ صادق اياز کسيا ويا، ۽  اڄ تائين سندن  ڪا به خبر ناهي ته اهي زنده آهن يا نه، عارفه قريشي چيو ته هوءَ سخت بيمار  ۽ معذور هجڻ سبب پاڻمرادو آفيسن تائين نٿي وڃي سگهي، جڏهن ته ٻه مهينا اڳ سندس نڻان نازيه ۽ سندس مڙس آصف علي شر ۽ ڏير ذوالفقار قريشي ٻارڙا وٺي ويا ته ٻارڙن جي ڏاڏي بيمار آهي ان سان ٻارن کي ملايون ٿا، پر اڄ تائين منھنجي ٻارن کي واپس نه ڪيو ويو عارفه قريشي چيو ته مان پرديدار عورت آهيان،

مون ڪڏهن به ڪنهن آڏو دانهن نه ڪئي، ظلم سهندي رهي آهيان، پر هاڻي منهنجا ٻار به مونکان کسي ڇڏيا ويا آهن، منهنجي ملڪيت ۽ سمورو ڏاج پڻ قبضي ۾ آهي. هن عورتن جي حقن واري تنظيمن ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس ٻارڙا واپس ڪرايا وڃن ۽ انصاف ڏياريو وڃي،

آگسٽ 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو