ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڀتي خورن جو هوٽل مالڪن تي حملو، اغوا ۽ تشدد خلاف احتجاج

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)ڪراچي ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل مالڪن کان زوري ڀتو اوڳاڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي ڀتي خورن جو هوٽل مالڪن تي حملو ۽ بدترين تشدد، رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن هوٽل مالڪن کي بچايو. متاثرن هوٽل مالڪن عبدالوهاب ميمڻ عبدالقدوس ميمڻ عبدالباسط ميمڻ طرفان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي پهچي عبدالباسط ميمڻ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرائي پناھ لاشاري ولي محمد لاشاري علي حسن لاشاري واجد لاشاري ۽ٻن نامعلوم ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي
ته جوابدارن ساڳئي ٿاڻي تي ڪائونٽر ايف آئي آر داخل ڪرائي ۽ ملير جي سائٽ سپر هائي وي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو جنهن تحت سائٽ سپر هائي وي ٿاڻي جي پوليس ۽ انوسٽيگيشن آفيسر سادن ڪپڙن ۾ ڀتي خور جوابدارن سان گڏ ڪورنگي مھراڻ ٽائون ۾ هوٽل تي پهچي هوٽل مالڪ عبدالوهاب ميمڻ کي زوري اغوا ڪيو جنهن جي ويڊيو اتي بيٺل ماڻهن ڀري ورتي هنن چيو ته ايس ايچ او سائٽ سپر هائي خالد عباسي اسان کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڳري رشوت جي گهر ڪئي ڪراچي هوٽلز اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ميمڻ برادري جون ٻه سو کان وڌيڪ هوٽلون هلن ٿيون،
جيڪي پرامن ۽ ڪاروباري ڪميونٽي آهن، پر ڀتي خورن جي لڳاتار حملن سبب هو عزت بچائن يا ڪاروبار، ٻنهي ۾ مشڪل ۾ اچي ويا آهن.اڳواڻن صدر غلام مرتضيٰ ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حاجي الطاف ميمڻ، سينيئر نائب صدر زاهد حسين ميمڻ، فرحان ميمڻ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڪورنگي ۽ سائٽ سپر هائي وي ملير جي ايس ايچ اوز خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ حملي آور ڀتي خور پناھ لاشاري، ولي محمد لاشاري، علي لاشاري ۽ ٻين کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تحفظ نه ڏنو ويو ته هوٽل مالڪ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاج لاءِ رستن تي نڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
آگسٽ 18, 2025