ڀارت مرسڊيز ۽ پاڪستان ڊمپر آهي، نقصان ڪنهن جو ٿيندو؟ محسن نقوي

Spread the love

لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت جا سڀ منصوبا پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين کي وقت سر معلوم ٿي رهيا هئا، ان ڪري جنگ دوران ڀارت جو هڪ به ميزائل اسان جي بيستي نه ڪري سگهيو. سيمينار کي خطاب ڪندي محسن نقوي ٻڌايو ته پاڪ فضائيا ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، جن جون وڊيوز موجود آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تي دٻاءُ پيو ته جهاز ڪيرائڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف سعودي وفد کي ٻڌايو ته ڀارت چمڪندڙ مرسڊيز آهي ۽ پاڪستان ڀريل ڊمپر، ٽڪراءَ ۾ نقصان ڪنهن جو ٿيندو، اندازو لڳايو. محسن نقوي اجيت دوول ۽ امت شاهه کي ڀارت ۾ دهشتگردي ڪرائڻ ۽ سڄي ڊرامي جا ڪردار قرار ڏيندي چيو ته شاهدي ڏئي سگهان ٿو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير شاندار قيادت ڪئي، سمورو ڪريڊٽ وزيراعظم ۽ فوجي قيادت کي وڃي ٿو. هن خاموش مجاهدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو انٽيليجنس ايجنسين تي تنقيد ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ جنگ ۾ سندن ڪردار فيصلائتو رهيو.

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو