وڳڻ ۾ گسٽا جو احتجاج، استادن پاران سرڪاري پاليسين خلاف نعريبازي

Spread the love

وڳڻ( رپورٽ: عاجز چانڊيو  )وڳڻ ۾ گسٽا جي مرڪزي سڏ تي گسٽا يونٽ شھيد زيڊ اي ڀٽو بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن پاران سنڌ سرڪار جي سرڪاري استاد ۽ سرڪاري ملازم دشمن پاليسين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاء ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پرنسپال ديدار علي وڳڻ ۽ سراج الدين پنھور جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري استاد ۽ ملازم دشمن پاليسين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي استادن ديدار علي وڳڻ، سراج الدين پنھور، عبدالوھاب لاشاري، اطھر علي سومرو، مور مغيري،

عبدالخالق پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار اسان استادن سميت ٻين سمورن سرڪاري ملازمن سان  ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري پينشن جيڪا سندن پوڙھائپ ۾ سھارو ھوندي آھي اھا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏھن ته وفاق سميت ٻيا ٽئي صوبا سرڪاري ملازمن کي ڊي آر اي ڏئي رھيا آھن پر سنڌ حڪومت اھو به ختم ڪري ڇڏيو آھي جيڪا اسان استاد سميت سمورن سرڪاري ملازمن سان تمام وڏي ناجائزي آھي

اسان سنڌ سرڪار جو اھڙو ملازم دشمن فيصلو ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين اھڙي فيصلي خلاف گسٽا مرڪز جي سڏ تي پنھنجي احتجاج جاري رکنداسين اسانجو احتجاج تيستائين جاري رھندو جيستائين اھا استاد دشمن ۽ ملازم دشمن پاليسي تبديل نٿي ڪئي وڃي،

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو