معاشي ترقي جو راز ۽ عوامي مسئلن جو حل اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي ۾ آهي
پاڪستان جي سياست ۾ وقت کان پوءِ نوَن صوبن جو بحث اڀري ايندو آهي. ڪڏهن سرائيڪي صوبي جي مطالبي تي نعرا لڳندا آهن، ڪڏهن هزارا صوبي جي ڳالھه ٿيندي آهي، ته ڪڏهن لسانيت جي بنياد تي نوان نقشا ڪڍيا ويندا آهن. هر سياسي پارٽي پنهنجي سياست کي نئين آڪسيجن ڏيڻ لاءِ هن ڪارڊ کي استعمال ڪندي رهي آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا واقعي ملڪ کي نون صوبن جي ضرورت آهي يا موجوده ضلعن ۽ يونين ڪائونسلن کي ئي مضبوط ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي؟ بدقسمتي سان هن اهم سوال کي اڪثر شعوري طور نظرانداز ڪيو ويندو آهي، ڇو ته نون صوبن جي ڳالهه سياسي نعري جي صورت ۾ ووٽن جي سياست لاءِ موزون لڳندي آهي، پر ضلعي سطح تي اختيارن ۽ فنڊن جي ورڇ تي ڳالهائڻ سياسي قيادت لاءِ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي.
پاڪستان جي معيشت اڳ ۾ ئي قرضن جي بار هيٺ دٻيل آهي. ملڪ جو ڪل اقتصادي حجم فقط 400 ارب ڊالرن جي ويجهو آهي، جڏهن ته 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ لاءِ هي رقم انتهائي معمولي آهي. ان باوجود وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ ذريعي فنڊن جي ورڇ ٿيندي آهي، جنهن ۾ 42 سيڪڙو وفاق کي ۽ 58 سيڪڙو صوبن کي ملي ٿو. پر جڏهن سوال ڪيو وڃي ٿو ته صوبن کي ملندڙ وسيلا ضلعي سطح تي ڇو نٿا پهچن، ته ڪو اطمينان بخش جواب سامهون نٿو اچي. حقيقت اها آهي ته نظام جي ناڪاميءَ سبب اهي وسيلا رڳو صوبائي دارالحڪومتن تائين محدود ٿي وڃن ٿا، جتي وڏن آفيسن، بجيٽن ۽ وڏيرن جا حلقا انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان خرچ ڪن ٿا. ضلعا ۽ ڊويزن رڳو نالي جي حد تائين انتظامي يونٽ بڻيل آهن، جتي ڊي سي ۽ ڪمشنر جو راڄ آهي، پر چونڊيل نمائندن جي فنڊن تائين پهچ ايتري قدر محدود آهي جو مقامي سطح تي غربت، بيروزگاري ۽ تعليم جي تباهي جو ڪو حل ڪونه ٿو ملي.نون صوبن جي قيام جي ڳالهه ايتري آساني سان ڪئي وڃي ٿي، ڄڻ ته صوبي ٺاهڻ سان ئي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. حقيقت اها آهي ته نئون صوبو ٺاهڻ رڳو نئين بيوروڪريسي ۽ نئين گورنر هائوس لاءِ بجيٽ وڌائڻ هوندو. جيڪڏهن هن وقت هڪ ننڍڙي يوسي وٽ پنج لک رپين جي بجيٽ آهي، جنهن مان ٻه لک رپيا پگهارن ۾ هليا وڃن ٿا، ته اهڙي بجيٽ سان ترقياتي ڪم ڪيئن ممڪن آهن؟ پوءِ جڏهن يوسيءَ کان سوال پڇجي ٿو ته تعليم، صحت ۽ روڊن لاءِ فنڊ ڇو نٿا ڪڍجن، ته جواب اهو ملندو آهي ته “اسان وٽ بجيٽ جي کوٽ آهي”. ساڳئي مثال کي ضلعي ۽ صوبي جي سطح تي وڌايو ته تصوير پاڻمرادو سامهون اچي ويندي.
اهو سوال اڃا به وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو ته جڏهن ڪاروباري طبقو به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪرڻ لڳي. ايف پي سي سي آءِ جي اڳواڻ ايس ايم تنوير صحيح نشاندهي ڪئي آهي ته وياج شرح گهٽائي وڃي ته ٽن هزار ارب رپيا بچي سگهن ٿا، پر اصل مسئلو صرف وياج شرح نه آهي، پر فنڊن جي منصفاڻي ورڇ به آهي. صوبن کي ته وسيلا ملي وڃن ٿا، پر ضلعي سطح تي اهي منتقل نٿا ٿين. جيڪڏهن ضلعا پنهنجا ٽيڪس گڏ ڪن، پنهنجيون معاشي سرگرميون منظم ڪن ۽ مقامي وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪن ته ملڪ جي معيشت ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. پر اڄ به ضلعي سطح تي اسڪل ڊولپمينٽ جو ڪو تصور ناهي، صنعتن جي مالڪي ڪانهي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪو مستحڪم منصوبو نظر نٿو اچي.نون صوبن جو نعرو اصل ۾ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. عوام کي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته جيڪڏهن سندن علائقي مان نئون صوبو ٺهي ويندو ته غربت ختم ٿي ويندي، نوڪريون وڌي وينديون ۽ ترقيءَ جا در کلي ويندا. پر تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته جيڪو فنڊ ۽ اختيار موجود صوبن کي ملي رهيو آهي، اهو به ضلعي سطح تي نٿو پهچي. اهڙيءَ حالت ۾ نئون صوبو ٺهڻ سان رڳو هڪ نئين سياسي اشرافيه اڀرندي، جيڪا وري به عوام کي ترقيءَ بدران محرومن جي قطار ۾ بيهاري ڇڏيندي.
78 سالن کان پوءِ به پاڪستان جا ضلعا مقامي طور تي ايترو اختيار نٿا رکن، جيترو رکڻ گهرجي. دنيا ۾ اهي ملڪ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن، جتي مقامي حڪومتون مضبوط بڻايون ويون آهن. يورپ جو مثال وٺو، جتي شهرن ۽ ميونسپل ادارن وٽ پنهنجا ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ جا اختيار آهن. ڀارت ۾ به پئنچائتي نظام کي مقامي سطح تي وسيلا ڏنا ويا آهن. پر پاڪستان ۾ اڃا تائين ضلعي حڪومتن جو تصور به پورو نه ٿي سگهيو آهي. هر حڪومت ايندي آهي، پنهنجي مرضيءَ جو مقامي ادارو ٺاهي ٿي ۽ وري ايندڙ حڪومت اهو نظام ختم ڪري ڇڏي ٿي. اهڙي اٿل پٿل ۾ عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ وڌي رهيا آهن.اسان وٽ بيروزگاري جي شرح 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، نوجوان دربدريءَ جو شڪار آهن، اسڪولن ۾ ٻار پڙهڻ بدران مزدوريءَ تي مجبور آهن ۽ اسپتالن ۾ غريب مريض دوائن لاءِ لائينن ۾ بيٺل آهن. جيڪڏهن ضلعي سطح تي فنڊ منتقل ٿين ها ۽ چونڊيل مقامي نمائندا جوابده هجن ها ته ڇا حالتون ايتريون خراب ٿين ها؟ يقينن نه. پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي حڪمران طبقي کي مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي طاقت وڌيڪ پسند آهي، ڇو ته انهيءَ طاقت سان ئي سندن راڄ قائم رهي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نون صوبن بدران موجوده ضلعن کي مڪمل طور تي بااختيار بڻايو وڃي. هر ضلعي کي پنهنجو ٽيڪس گڏ ڪرڻ، پنهنجو ترقياتي پروگرام ٺاهڻ ۽ مقامي وسيلن کي استعمال ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن. يونين ڪائونسلن کي اهڙي بجيٽ ڏني وڃي، جيڪا رڳو پگهارن لاءِ نه پر ترقياتي ڪم لاءِ به ڪافي هجي. يوسيءَ جي سطح تي اسڪولن جي مرمت، اسپتالن جي دوائن ۽ روڊن جي مرمت جو ڪم ئي جيڪڏهن مقامي نمائندن جي هٿ ۾ هجي ته عوام کي پنهنجي چونڊيل قيادت کان سوال ڪرڻ آسان ٿيندو. ڪراچي هجي يا ڪو به ٻيو شهر، مسئلا تڏهن حل ٿيندا جڏهن مڪاني حڪومتن کي وسيلا ملندا. اسان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ صرف وڏا ميگا پروجيڪٽ يا نوان صوبا نه پر بنيادي سطح تي گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن هڪ يوسي پنهنجو ڪم صحيح ڪري ته ضلعي سطح تي بهتري ايندي ۽ جيڪڏهن ضلعي سطح تي بهتري اچي ته صوبي ۽ ملڪ جي معيشت پاڻمرادو سڌرندي.
آگسٽ 18, 2025