صوابي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ بعد هر پاسي تباهيءَ جا منظر، ڪيئي گهر ٻُڏي ويا، ڇت ڪرڻ سبب چار ڄڻا اجل جو شڪار

Spread the love

صوابي (ويب ڊيسڪ) صوابي ۾ ڪلائوڊ برسٽ ۽ لينڊ سلائيڊنگ هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي، ٻوڏ وهڪرن سبب ڪيترائي گهر ٻُڏي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 4 ماڻهو گهر جي ڇت ڪِرڻ سبب ملبي هيٺان دٻجي حياتي وڃائي ويٺا.
صوابي جي ڊپٽي ڪمشنر نصرالله خان تصديق ڪئي آهي ته دالوڙي ڳوٺ ۾ ڪلائوڊ برسٽ سبب ڪيترائي گهر ٻڏي ويا آهن، ٻوڏ وهڪر وهڪرو تمام تيز آهي ۽ جابلو علائقو هئڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي آهي.
ڊي سي جو چوڻ آهي ته انتظاميا، ريسڪيو ۽ ٻيون امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيو ٿي چڪيون آهن، حويليان ۽ مردان کان به ريسڪيو ٽيمون گهرايون ويون آهن.
ٻئي پاسي تيز برسات سبب سوات جا علائقا ظاهرآباد، شهيدآباد، مڪان باغ، ملا بابا، محله بنگلاديش، رحيم آباد، ڪوڪو رائي، منگلور، بشنبڙ ۽ شگئي سخت متاثر ٿيا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته مڪان باغ، سيدو شريف روڊ ۽ ملا بابا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ 4 ڏينهن کان بجلي بند آهي، ملا بابا روڊ به ٽريفڪ لاءِ بحال نه ٿي سگهيو آهي، صاف پاڻي ناياب ٿي ويو آهي ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب زندگيءَ جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب، سوات ۾ برسات سبب 400 گهر متاثر ٿيا، ڪيترائي گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، 124 تعليمي ادارا متاثر ٿيا، جڏهن ته 3 مڪمل طور تباهه ٿي ويا.
مقامي انتظاميا موجب 15 آگسٽ تي ڪلائوڊ برسٽ کانپوءِ طوفاني برسات سبب مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي، متاثر علائقن تائين پهچڻ ۽ مدد جي مڪمل ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، تازين برساتن ۽ ٻوڏ دوران هنيئر تائين 660 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جن مان 392 فوتگيون خيبرپختونخوا ۾ ٿيون.
ان کانسواءِ پنجاب ۾ 164، سنڌ ۾ 29، بلوچستان ۾ 20، گلگت بلتستان ۾ 32، آزاد ڪشمير ۾ 15 ۽ اسلام آباد ۾ 8 ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا.

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو