سيوھڻ ۾ ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جو احتجاج، نئين پينشن پاليسي رد ڪرڻ جو مطالبو

سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي)حڪومت طرفان ملازم دشمن نئين پينشن پاليسي خلاف ۽ پراڻي ملازم دوست پينشن پاليسي جي بحاليءَ لاءِ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ ۾ ليڪچرارن ۽ پروفيسرن طرفان ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو.احتجاج ۾ سپلا يونٽ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ جي ميمبرن ۽ عھديدارن پروفيسر غلام مجتبي۱ ميمڻ، پروفيسر گل زمان ناريجو،
پروفيسر منظور احمد ميمڻ، پروفيسر علي اصغر اوٺو، پروفيسر منظور علي بليدي، پروفيسر محمد اقبال ڀٽو، پروفيسر وسيم احمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو سميت يونٽ جي ليڪچرارن ۔ پروفيسرن ۽ پرنسيپال پنھنجن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي حڪومت طرفان جاري ڪيل ملازم دشمن پينشن پاليسيءَ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي انھن يقين دھاني ڪرائي ته سندن يونٽ ھن ڏس ۾ مرڪز سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺو رھندو ۽ پراڻي ملازم-
دوست پينشن پاليسي بحال ٿيڻ تائين ھلندڙ احتجاجي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندو هنن حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته ملازم دشمن پينشن پاليسي ختم ڪري پراڻي ملازم دوست پاليسي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۔
آگسٽ 18, 2025