سينيئر اداڪارا صائمه نور جي بولڊ وڊيو وائرل

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ۽ ڊرامه انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا صائمه نور جي هڪ نئين ويڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
صائمه نور هن وقت پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جتي هوءَ نيري رائوزر ۽ هلڪي سائي شرٽ ۾ هڪ گاني جي شوٽنگ ڪندي نظر اچي رهي آهي.
انسٽاگرام تي شيئر ٿيل اِها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به صائمه نور جي جم ۾ ورزش ڪندي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي.
نئين وڊيو تي واهپيدارن جو ردعمل سامهون آيو آهي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اداڪارا جي عمر هاڻ کيس اهڙن ڪمن جي اجازت نه ٿي ڏئي جڏهن ته ڪجهه مداحن جو خيال آهي ته صائمه نور اڄ به تمام خوبصورت لڳي ٿي.
ياد رهي ته اداڪارا هن وقت پنهنجي نئين پروجيڪٽ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هسش ٽيگ مان لڳي ٿو ته ان پروجيڪٽ جو نالو ”عشقِ لاهور “ آهي“ پر ان بابت اڃا تائين اداڪارا طرفان باظابطا تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.

آگسٽ 18, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو