سانگهڙ: صحافي خاور حسين جي پراسرار موت جي جاچ، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي جو دورو

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ ڪراچي جي صحافي خاور حسين جي پراسرار موت جي جاچ لاءِ ٺاهيل ڪميٽي، جنهن جو چيئرمين ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي سانگهڙ جي دوري تي پهتو، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي هدايت تي ڊان ڪراچي جو صحافي خاور حسين جي پرسرار موت جي جاچ جي مقرر ڪيل ڪاميٽي جنهن جي اڳواڻي ايڊيشنل ائي جي سي ٽي ڊي آزاد خان ڪري رهيو آهي جنهن سانگهڙ جو دورو ڪيو ڪاميٽي هن وقت تائين جاچ جو جائزو ورتو مقامي پوليس کي ضروري هدايتون جاري ڪيون.
ايڊيشنل آئي جي آزاد خان سانگهڙ پهچي ايس ايس پي سانگهڙ سان ملاقات ڪئي ۽ هن وقت تائين ٿيل جاچ بابت تفصيلي بريفنگ ورتي، جاء واردات جو دورو ڪيو، مرحوم جي استعمال هيٺ گاڏي جو جائزو ورتو ۽ جاچ ڪندڙ ٽيم جي عملي کي ضروري هدايتون جاري ڪيون، ان کانپوء ايس ايس پي آفيس سانگهڙ ۾ ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي آزاد خان، ڊي، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ ۽ ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ سان گڏجي ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا بريفنگ ڏني صحافين سان ڳالهائندي آزاد خان ٻڌايو ته لوڪل پوليس پاران ڪيل جاچ جو جائزو ورتو ويو آهي،
لاش جو سينيئر ليول تي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي جاء واردات تان مرحوم جو پسٽل، گولي جو خول، سڪو ۽ پسٽل جو لائسنس پڻ مليو آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ملندڙ موبائل فون جيڪو اڳ ۾ ئي ري سيٽ ٿيل آهي، ايڊيشنل ائي جي ٻڌايو ته پوليس جاچ لاء سي سي ٽي وي ڪيمرئن جون رڪارڊنگون، سي ڊي آر ۽ ٽول پلازه جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد وٺي رهي آھي واقعي واري هنڌ موجود شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن۔ انهن يقين ڏياريو ته سڀني شاهدن، بيانن ۽ جاء واردات جي جائزي کانپوءِ ئي سمورا نڪتا ملائي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچبو۔ هن وقت تائين جاچ انتهائي بارڪي ۽ تيزي سان جاري آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته جلد ئي جاچ مڪمل ٿي ويندي،
آگسٽ 18, 2025