حڪومت جو ايندڙ سال ٽرام سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ايندڙ سال فيبروري کان لاهور ۾ ٽرام سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير بلال اڪبر موجب، ٽرام جو ٽيسٽ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنهن بعد ٺوڪر کان هربنس پورا تائين ٽرام سروس فيبروري 2026 کان شروع ڪئي ويندي.
بلال اڪبر جو چوڻ آهي ته ٽرام ۾ 270 سيٽن جي گنجائش هوندي ۽ رٿا تي 30 لک ڊالر خرچ ايندو، جڏهن ته منصوبي لاءِ پنجاب نيپساڪ ۽ پي ايم اي جا عملدار چين جو دورو ڪري چڪا آهن.
صوبائي وزير موجب، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا ۾ به ميٽرو ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فيصل آباد ميٽرو روزانو 3 لک مسافرن ۽ گوجرانوالا ميٽرو هڪ ڏينهن ۾ هڪ لک 40 هزار مسافرن کي سهولت فراهم ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته فيصل آباد ميٽرو منصوبي جي لاڳت 110 ملين ڊالر ۽ گوجرانوالا ميٽرو تي 50 ملين ڊالر خرچ ايندو.
بلال اڪبر جو چوڻ هو ته لاهور ۾ موٽرسائيڪل ۽ گاڏين سبب ماحولياتي آلودگي وڌي رهي آهي، ٽرام ۽ ميٽرو رٿائون ان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش آهن.