ايشيا ڪپ: پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ٽي وي اشتهارن جا ريٽ آسمان کي ڇُهڻ لڳا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچن سبب اسپانسرشپ ۽ اشتهارن جا ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
ڀارتي ميڊيا موجب، پاڪ-ڀارت ميچ دوران ٽي وي تي اشتهار جو ريٽ 10 سيڪنڊ لاءِ 16 لک ڀارتي رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪو-پريزينٽنگ پارٽنرشپ جو ريٽ 18 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
ايسوسيئيٽ پارٽنرشپ جو ريٽ 13 لک ڀارتي رپيا آهي ۽ اشتهاري پئڪيج جي قيمت 4 ڏهائي 48 ڪروڙ ڀارتي رپيا طئي ڪئي وئي آهي.
ڊيجيٽل ايڊ ريٽس به آسمان کي ڇُهڻ لڳا آهن، ڪو-پريزينٽنگ ۽ هاءِ لائٽس پارٽنر 30-30 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ دستياب آهن، جڏهن ته ڪو-پاورڊ پئڪيج 18 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي. رائٽس هولڊرز کي ايشيا ڪپ جي رڪارڊ ويورشپ جي اميد آهي.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ جا مقابلا 9 سيپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿيندا، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي گروپ ۾ شامل آهن.
پاڪ-ڀارت پهريون دنگل 14 سيپٽمبر تي شيڊيول آهي، سپر فور ۾ ٻيهر ٽڪر 21 سيپٽمبر تي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن طرفان فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ جي صورت ٽيون ڀيرو مقابلي جو امڪان پڻ موجود آهي،