گڏاپ ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري، مالوند معاشي بحران ۾ مبتلا

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) گڏاپ ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري، ڳوٺاڻن جا وٿاڻ خالي، مالوند سخت پريشاني ۾ مبتلا  گڏاپ ۽ ڀرپاسي جي ڪوهستاني علائقن موئيدان، ڪنڊ جهنگ، واڻ ڪنڊ ۽ کار ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ  پراسرار  بيماري پکڙجڻ ڪري ڳوٺاڻن جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب علائقي جا مالوند سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔ بيماري خاص طور تي ٻڪرين ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي،

جنهن ڪري روزانو ڪيترو ئي مال مري رهيو آهي ۔ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بيماري ۾ مبتلا ٿيندڙ ٻڪريون ۽ ٻيو چوپائي مال پهريان کائڻ پيئڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿا، پوءِ سندن جسم ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن اندر ئي مرڻ لڳن ٿا، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن گذارو مڪمل طور تي چوپائي مال تي آهي، پر هاڻي مويشي مرڻ سبب معاشي بحران جو شڪار ٿي رهيا آهن۔

علائقي واسي شڪايت ڪندا ٻڌايو ته گڏاپ ۾ ڪنهن به قسم جي وٽنري اسپتال موجود ناهي، نه ئي جانورن جي ڊاڪٽرن جي سهولت آهي، جنهن سبب هو بيماري جي وقت علاج کان محروم آهن۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتن کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪوبه قدم نه کنيو ويو، جنهن ڪري حالتون ڳڻتي جوڳيون ٿي رهيون آهن مالوند ماڻهن چيو ته بيماري وڌڻ سبب نه صرف سندن روزگار خطري ۾ آهي، پر ڪيترن ئي گهرن جي روزي جو ذريعو به ختم ٿي رهيو آهي

هنن   مطالبو ڪيو ته لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ فوري طور تي حرڪت ۾ اچي، علائقي ۾ جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي، بيماري جي تشخيص ۽ علاج لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ وڏي پئماني تي چوپائي مال جي مرڻ سان ڳوٺاڻن لاءِ سخت معاشي بحران پيدا ٿي ويندوڳوٺاڻن پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا کان اپيل ڪئي آهي ته گڏاپ ۽ ڀرپاسي جي ڪوهستاني علائقن ۾ هنگامي بنيادن تي وٽنري اسپتالون قائم ڪيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ به اهڙين خطرناڪ بيمارين کان مالوند ۽ سندن روزگار کي بچائي سگهجي۔

آگسٽ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو