ڦلجي اسٽيشن: شهيد مخدوم افتخارالحق صديقي جي نائين ورسي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران ڀيٽا پيش

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور ) شهيد مخدوم افتخارالحق صديقي جي نائين ورسي درگاھ فضل الاهي جي سحن ۾ ملهائي ڪئي وئي ، سياسي سماجي ادبي ۽ روحاني اڳواڻن شرڪت ڪئي ، شرڪت ڪندڙن پاران تقريرون ۽ شعر پيش ڪري شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي مخدوم شفيق الرحمان صديقي ، مخدوم منورالحق صديقي ، مخدوم ابرار الحق ، مخدوم شمس الحق ثاني سيد رياض شاھ ،
علامه عبدالرزاق ملاح ، ڊاڪٽر شهاب الدين لانگاھ ، اظھار ڪلهوڙو ۽ ٻين شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته نو سال پهريان پاٽ شريف جي بازار ۾ سري عام گوليون هڻي مخدوم افتخار عرف پپو سائين کي شهيد ڪيو ويو ، مخدوم خاندان جي هن سپوت پاٽ شريف جي عوام لاء وچ بازار ۾ شهادت ماڻي پاڻ کي هميشه لاء امر ڪري ڇڏيو ، سندس پاٽ ۽ پاٽ شريف جي عوام اڻڳڻيون سماجي خدمتون به موجود آھن پاٽ ۽ ڀرپاسي جو ڪهڙو به سماجي اشو هجي ته پاڻ سدائين اڳڀرا رهيا ، سندس لازوال شخصيت هڪ کليل ڪتاب آھي
سندس ۽ سندس خاندان جي بي باڪي جا قصا علائقي ۾ مشهور آھن ، هنن وڌيڪ چيو شهيد آخري ڏينهن تائين سماجي خدمتون ڪندي شهادت حاصل ڪري دنيا ۾ ٻين لاء جيئڻ ۽ مرڻ جو سبق ڏنو ، مقررن اعلا اختيارين سميت وسوارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سرڪاري سطح تي شهيد جي نالي سان شهر اندر ڪا يادگار ٺھرائي ڏني وڃي
آگسٽ 17, 2025