ڄامشورو: ڦرن ۽ ڏوهن جون وڌندڙ وارداتون، شهرين ۾ خوف ۽ غير يقيني صورتحال

ڄامشورو ( رپورٽ:محمد وارث )ضلعي ڄامشورو ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جتي ڦورن ۽ ڏوهارين جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن خدا جي بستي ڀوت بنگلي وٽ هٿياربندن ٺيڪيدار عبدالجبار چانڊيو کان 3 لک 45 هزار روپيا ۽ ٻه موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت دوران کيس زخمي به ڪيو ويو۔ متاثر جو چوڻ آهي
ته جڏهن هو ٿاڻي تي پهتو ته پوليس اهلڪار موجود ئي نه هئا ساڳئي ڏينهن ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ليبر ڪالوني ۾ هٿياربندن حاجي نظير احمد پيرزادو کان 5 لک روپيا، ٽي موبائل فون ۽ دلاور شورو جي پٽ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا۔ ان کان سواءِ بابا صلاح الدين بند وٽ به هٿياربندن يوسف ڳوٺ جي رهاڪو نديم رند کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا_گذريل رات ايس يو پي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ نازيه سولنگي کان به ڪراچي واھ پل تي موبائل فون ڦر ڪيو ويو، پر هن بهادري جو مظاهرو ڪندي هڪ ڦورو پڪڙي ورتو،
جڏهن ته ٻيو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔_ * ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني بابت شهرين جو چوڻ آهي ته روز بروز وڌندڙ ڏوهاري سرگرمين سبب هو شديد خدشن جو شڪار آهن ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا۔ شهرين چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
آگسٽ 17, 2025