مٺي: جھڏو موبائل مارڪيٽ ۾ ڪروڙين جي چوري خلاف واپارين جي احتجاجي ريلي

مٺي (ڊ-ر) جھڏو ۾ موبائل مارڪيٽ مان ھٿياربند جوابدارن دڪانن جا شٽر ٽوڙي ڪروڙين روپيه ماليت جا موبائيل فون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي وڃڻ خلاف مٺي جي موبائيل مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي سڏ تي آل واپاري ايسوسيئيشن جي صدر شام سندر،
چيئرمين بابو اسلم قائمخاني ۽ موبائل مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر چندن سنگھ سوڍو جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان پريس ڪلب مٺي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻن آسنداس، جئہ پرڪاش ، مدن لال، امن ھيمناڻي، مھاديو سوٽھڙ ، پرديپ ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته جھڏو واقعي جا جوابدار فوري طور گرفتار ڪري متاثر واپارين جي نقصان جو ازالو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
آگسٽ 17, 2025