سڪرنڊ: 30 هزار ايڪڙن کي پاڻي نه ملڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو، 20 ارب روپين جي نقصان جو خدشو

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ جي سوين آبادگارن وارا بندي ، پڇڙيءَ ۾ پاڻي نه پھچڻ ۽ کاٽي نه کڻڻ خلاف عبدالقادر جيلاني ، تاج محمد مگسي ، غلام محمد پرهياڙ ، محمد بچل ڏھيو ، نور محمد پرهياڙ ۽ ڪرم الله انڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ٽگهاٽ موريءَ تي ڌرڻو هڻي احتجاجي ڪيو هنن جو چوڻ هو آبپاشي کاتي جي نا اهلي سبب راهب شاھ شاخ ، سڪرنڊ شاخ ۽ ننڍي ريڻ شاخ جي 30 هزار ايڪڙن جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو
وڃي هنن چيو ته ٽنهين شاخن جي نه ته کاٽي کڻائي ٿي وڃي نڪو وري سگهن ماڻھن جون لڳل نوليون هٽايون ٿيون وڃن جنهن جي ڪري اسان جا فصل سڪي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن اسان جي 30 هزار ايڪڙ زمينن کي پاڻي نه مليو ته مجموعي طور تي 20 ارب روپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو جنهن سان جتي آبادگار متاثر ٿيندو اتي ملڪي معشيت کي به ڪاپاري ڌڪ لڳندو جڏھن ته هن وقت برساتن سبب پاڻي وڌيڪ هئڻ باوجود وارا بندي ڪئي پئي وڃي هنن اهو پڻ چيو ته سومر ڏينهن آبپاشي آفيس جي سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو .
آگسٽ 17, 2025