سيوهڻ: واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ آر او پلانٽ ناڪارا، ڳوٺاڻن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽر) سيوھڻ سب ڊويزن ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جا ڪيترائي لڳل فلٽر پلانٽ آر او پلانٽ ۽ واٽرسپلاء جون اسڪيمون ڪيتري وقت کان ناڪارا بڻيل جڏھن ته پبلڪ ھيلٿ کاتي سيوھڻ جي  آفيسرن طرفان ھر ٽئين ماھ   مرمت وغيره جي ايندڙ رقم رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري ھڙپ ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسل ٽلٽي ۽ يونين ڪائونسل آراضي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ آر او پلانٽ ۽ فلٽر پلانٽ ناڪارا بڻجي ويا آھن،

جنھن ڪري ڳوٺ پير بخش بروهي حاجي دودو خان بروهي ۽ ڳوٺ سانوڻ خان پنھور جي رھواسين ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺاڻن طرفان اڄ سيوھڻ ۾ ھڪ احتجاج ڪري مطالبو ڪيو ويو آھي ته ڳوٺ گھلپور يونين ڪائونسل آراضي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم تي ڪن نامعلوم ماڻھن قبضو ڪري ڳوٺاڻن کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جا رھواسي  پيئڻ جي پاڻي کان محروم  ٿي ويا آھن ،

احتجاج ڪندڙ اعلئ عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو  آهي ته ڳوٺ گھلپور تعلقه سيوھڻ جي واٽرسپلاء تان قبضو ختم ڪرايو وڃي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳوٺن جھڙوڪ پير بخش بروهي ڳوٺ دودو خان بروهي ۽ ڳوٺ سانوڻ خان پنھور جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاء سخت پريشان آھي، ڳوٺ گھلپور جي واٽرسپلاء اسڪيم کي ٺھرائي قبضو ختم ڪرائي اسان جي ڳوٺن جي رھواسين کي پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪري ڏنو وڃي.

آگسٽ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو