سيوهڻ: نوجوان ارشد علي لنڊ تي قاتلاڻي حملي ڪيس جو فيصلو، مک جوابدار کي 7 سال قيد ۽ 90 هزار ڏنڊ

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ شريف لڳ لڪي شاه صدر ۾ 2022 ۾ لنڊ برادي جي نوجوان ارشد علي لنڊ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جو ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سيوهڻ جي معزز جج فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۔ تفصيل موجب لڪي شاه صدر جي رهواسي خالد حسين لنڊ طرفان سال 2022 ۾ فرياد داخل ڪئي وئي هئي ته حسين بخش لنڊ ۔احمد خان لنڊ ۔ رسول بخش لنڊ ۔ صدام حسين لنڊ ۽ جاويد علي لنڊ قاتلاڻو حملو ڪري سندس ڀائٽي ارشد علي لنڊ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو ۔
ان ڪيس ۾ فريادي خالد حسين لنڊ طرفان وڪيل مرتضئ ملاح کي ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاء مقرر ڪيو ويو هو ۔ فريادي موجب جنهن ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ ڪئي جنهن تاريخ 2025/08/16 تي ارشد علي لنڊ مٿان فائرنگ ڪندڙ مک جوابدار حسين بخش لنڊ کي ست سال قيد ۽ 90 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۔ جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻين چئن جوابدارن احمد خان لنڊ ۔ رسول بخش لنڊ صدام حسين لنڊ ۽ جاويد علي لنڊ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو ۔ ان حوالي سان فريادي خالد حسين لنڊ جو چوڻ هو ته حق سچ جي فتح ٿي آهي ۔ ڪورٽ سڳوري مک جوابدار کي سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو آهي ۔
آگسٽ 17, 2025