سانگھڙ: بلديه جي نااهلي سبب گٽرن جو پاڻي روڊن تي، شهرين ۽ شاگردن کي سخت ڏکيائيون

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ بلديه جي نااهلي سبب گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيٺل، شهرين توڙي اسڪول جا شاگرد ۽ نمازي سخت پريشان، المنصورا ڪالوني ٽريزري ڪوارٽرن جي سامهون گٽرن جو پاڻي روڊ تي بيٺل، ايندڙ ويندڙ شهرين سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا،
ان حوالي سان شهرين جو چوڻ هو ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان گٽر نالي نه هجڻ ڪري گندو پاڻي روڊ تي بيٺل رهي ٿو اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي سي سانگهڙ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين کي لکيت ۽ زباني شڪايتون ڪيو آهن پر انتظاميه ڪوبه عملي قد کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته بدبودار گندو گٽرن جو پاڻي روڊ تي بيهڻ ڪري خطرناڪ بيماريون جنم وٺن ٿيون ۽ مڇرن ۾ به اضافو ٿئي ٿو، هنن ذميوار انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي نيڪالي جو بندبست ڪري پريشاني دور ڪئي وڃي،
آگسٽ 17, 2025