دادو ۾ وڏي ڪرپشن جو انڪشاف، آر او پلانٽ ۽ ڊرينج اسڪيم جي فنڊز مان ڪروڙين رپيا غيرقانوني طور ڪڍيا ويا.ذرائع

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل آر او پلانٽس ۽ ڊرينج اسڪيم جي فنڊز مان وڏي پئماني تي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا کي هٿ ٿيل دستاويزن موجب پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻن انجنيئرن ۽ آفيسرن ملي ڀڳت ڪري هڪ ڪروڙ نَو لک کان وڌيڪ رقم غيرقانوني طريقي سان ڪڍي ورتي آهي. ذريعن مطابق علامه آءِ آءِ قاضي، قاضي علي حيدر،

فتح پور سميت چوڏھن آر او پلانٽس ۽ ڊرينج اسڪيمون هن ڪرپشن ۾ شامل آهن، جتي ڪانٽيجنسي ۽ ٻين بلز جي نالي تي جعلي بل ٺاهي رقم ڪڍرائي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عظمت ڦل، رضوان ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن ڪمپنين جا نالا استعمال ڪري اسڪيمون مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ورتا شهرين مطالبو ڪندي چيو آهي ته لکين رپيا هڙپ ٿيڻ باوجود دادو ۾ اڄ به صاف پاڻي عوام لاءِ موجود ناهي.

سندن چوڻ آهي ته پبلڪ هيلٿ جا آفيسر اسڪيمون مڪمل ڪرڻ بجاءِ ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاري بل ڪڍرائين ٿا شهرين سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ ،اينٽي ڪرپشن ۽ نيب کان سخت نوٽيس وٺڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل هفتي به انجنيئر جي مقرري نه ٿيڻ سبب پبلڪ هيلٿ جا لاڳاپيل آفيسر موقف ڏيڻ کان ڪترائيندا رهيا.

آگسٽ 17, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو