15 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسندي قلم 144 ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.
بلوچستان حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري، موٽر سائيڪل هلائيندي مُنهن لڪائڻ تي به پابندي هوندي.
صوبي ۾ هر قسم جي ميڙاڪن، 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي، اها پابندي 31 آگسٽ تي لاڳو رهندي.
واضح رهي ته بلوچستان حڪومت پهرين کان 15 آگسٽ تائين صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو