گڏاپ ٽائون ۾ جشنِ پاڪستان فٽبال ٽورنامينٽ فائنل، اسمائيل ميڊيڪل ٽيم 2-1 تان ڪامياب، مهمانن کي اجرڪ ۽ پڳڙيون پيش

Spread the love

ملير (ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي زيرِ اهتمام “معرڪو حق جشنِ پاڪستان” جي سلسلي ۾ فٽبال ٽورنامينٽ فيسٽيول جو فائنل ميچ 14 آگسٽ تي شاندار انداز ۾ منعقد ٿيو، فائنل مقابلي ۾ اسمائيل ميڊيڪل ۽ ملير نيشنل فٽبال ٽيم آمهون سامهون آيون، ميچ جي شروعات ۾ رانديگرن جو تعارف مهمانِ خصوصي صوبائي اسيمبلي سنڌ جي رڪن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر راجا عبدالرزاق بلوچ سان ڪرايو ويو،

کيل نهايت سنسني خيز رهيو، جتي اسمائيل ميڊيڪل جا رانديگر محمد وسيم ۽ نعيم بلوچ شاندار راند پيش ڪندي پنهنجي ٽيم کي 2-1 تان ڪاميابي ڏني، تقريب جي ميزباني چئرمين گڊاپ ٽائون طارق عزيز بلوچ ۽ ميونسپل ڪمشنر احمد يار ڪئي، هن موقعي تي پروگرام جا آرگنائيزر ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جلال حنيف ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر طاهر بلوچ پاران صوبائي اسيمبلي جي رڪن ۽ پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر راجا عبدالرزاق بلوچ، چئرمين ٽائون طارق عزيز بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار،

ڊائريڪٽر (ايڇ آر ايم) همايون عمران خان، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيڪس رياض حميد بلوچ ۽ ڪائونسل ميمبر دانش برفت کي سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪ ۽ بلوچي ثقافتي پڳڙي جا تحفا پيش ڪيا ويا، مهمان خصوصي راجا عبدالرزاق بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهڙا ايونٽ نوجوانن ۾ حب الوطني ۽ راندين سان وابستگي کي هٿي ڏين ٿا ۽ انهن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪن ٿا، چئرمين ٽائون طارق عزيز بلوچ چيو ته گڏاپ ۾ راندين جي واڌاري لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن

جيئن نوجوان پنهنجون صلاحيتون وڌيڪ نکارين، معرڪو حق جي سلسلي ۾ پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين سمورا پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا آهن، ميونسپل ڪمشنر احمد يار چيو ته هن ٽورنامينٽ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته گڏاپ ٽائون جا نوجوان باصلاحيت آهن ۽ کين وڌيڪ موقعا مهيا ڪيا وڃن جيئن هو ملڪ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري سگهن، تقريب دوران پاڪستان جي 78 هين آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ خاص دعا گهري وئي، اختتامي لمحن ۾ فاتح ٽيم اسمائيل ميڊيڪل کي ٽرافي ۽ نقد انعام سان نوازيو ويو جڏهن⁠تہ رنر اپ ٽيم کي به خراج تحسين پيش ڪيو ويو۔

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو