گڏاپ ٽائون چيئرمين تي وائيس چيئرمينن جو عدم اعتماد ۽ گڏيل استعفائون

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) گڏاپ ٽائون جي ستن يوسيز جي وائيس چيئرمينن طرفان ٽائون چيئرمين تي عدم اعتماد ڪندي گڏيل استعفائون ڏيڻ جو اعلان،ٽائون جي  ميمبرن جي 12 آگسٽ  تي ٿيندڙ جشن آزادي پروگرام ۾ تذليل ڪري  انا مجروح  ڪئي ويئي ، ستن وائيس چيئرمينن جو ميمڻ ڳوٺ ۾ هنگامي اجلاس پاڪ ڪتاب تي ويساھ ڏيئي گڏيل اتحاد جوڙي ٽائون چيئرمين خلاف تحريڪ هلائڻ جو وچن زريعا تفصيل موجب ملير ضلعي جي سڀ کان وڏي ٽائون گڏاپ ميونسپل ڪارپوريشن  جي نو يونين ڪميٽيز مان ستن يوسيز پپري ، گهگهر، گلشن حديد،اسٽيل ٽائون،

مراد ميمڻ ، درساڻو ۽ شاھ مريد جي وائيس چيئرمينن گڏاپ ٽائون چيئرمين طارق عزيز بلوچ تي عدم اعتماد ڪندي گڏيل استعفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ان سلسلي ۾ ڀروسي  جوڳن زريعن جو چوڻ آهي ته  ڄاڻايل وائيس چيئرمينن خليفو ستارجوکيو،علي محمد گبول،مير عباس، امن جوکيو، سليم ميمڻ،مرتضي يار محمد ۽ رفيق جوکيو  جي 12 آگسٽ  تي ٿيندڙ جشن آزادي پروگرام ۾ عزت ۽ اهميت نه  ڏيئي انا مجروح  ڪئي ويئي جتان ميمبرن احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري  ميمڻ ڳوٺ ۾ هنگامي اجلاس ڪيو جتي ٽائون چيئرمين جي اڇنگي روش خلاف سخت احٽجاج ڪندي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ويساھ ڏيئي گڏيل اتحاد جوڙي ٽائون چيئرمين خلاف تحريڪ هلائڻ جو وچن ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ جڏهن ڄاڻايل يوسز جي چيئرمينن سان رابطو ڪيو ويو ته هنن ان متعلق ڪا  به ترديد يا تصديق نه ڪندي وڏيڪ  تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان سلسي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل وائيس چيئرمينن تي مختلف شخصيتن ،ادارن ۽ خود پيپلزپارٽي ملير جي عهديدار جو سخت دٻاءُ آهي ته هو خاموشي اختيار ڪن ۽ جيڪو ٿي رهيو آهي صبر سان برداشت ڪن زريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ڄاڻايل ميمبر عوام آڏو پڌرا ٿي ايندا يا ڪنڌ هيٺ ڪري خاموشي سان ٽائون جي مدي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪندا

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو