ڪٿي توهان جي سِم ٻيو ڪو ته استعمال نه پيو ڪري؟ پي ٽي اي خبردار ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) شهرين کي موبائل سمن جي حوالي سان خبردار ڪري ڇيو.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته ڏوهاري قسم جا ماڻهو توهان جي چوري ٿيل ڄاڻ جو استعمال ڪندي توهان جي نالي تي غير قانوني سمون حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي فراڊ، غير قانوني سرگرمين ۽ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون.
پي ٽي اي نالي تي رجسٽرڊ موبائل سمن جي ڄاڻ فوري طور حاصل ڪرڻ جو آسان طريقي ڪار ٻڌايو آهي، نالي تي رجسٽرڊ سمن جو انگ ڄاڻڻ لاءِ cnic.sims.pk وزٽ ڪيو.
جيڪڏهن توهان وٽ انٽرنيٽ جي سهولت موجود ناهي ته 668 تي پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ڪيو ۽ ڄاڻ حاصل ڪيو، نالي تي رجسٽرڊ ڪا به اهڙي سم جيڪا توهان جي استعمال هيٺ ناهي ان کي فوري طور بند ڪرائي ڇڏيو.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو