چوماسي جو سڀ کان طاقتور اسپيل، تيز برساتن جي اڳڪٿي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سخت برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، چوماسي برساتن جو ستون اسپيل هنيئر تائين آيل سڀني کان وڌيڪ طاقتور هوندو.
ترجمان ٻڌايو ته هن اسپيل تحت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سخت برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي مٿاهين علائقن ۾ طوفاني برساتن سان گڏ ڪلائوڊ برسٽ جو به خطرو آهي.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو