ٽرانس جينڊر ملڪ ۾ هم جنس پرستيءَ کي هٿي ڏين ٿا، سرمد کوسٽ جي گهر فحش پارٽي ٿي: ماريا بي جي دعويٰ

اهور (ويب ڊيسڪ) مشهور فيشن ڊيزائنر ماريا بي ٽرانس جينڊرز جي هڪ مبينا اڻ وڻندڙ ڊانس پارٽيءَ بابت وڊيو شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اها تقريب پنجاب جي گاديءَ لاهور ۾ ٿي.
ماريا بي اڳ به ٽرانس جينڊرز ۽ هم جنس پرستيءَ جي وڌندڙ رجحان تي کلي ڳالهائيندي رهي آهي، سندس چوڻ آهي ته ٽرانس جينڊرز اصل ۾ مرد يا عورت طور ڄمندا آهن ۽ بعد ۾ آپريشن ذريعي جنس تبديل ڪرائيندا آهن، اهڙا ماڻهو ئي ملڪ ۾ هم جنس پرستيءَ کي هٿي ڏين ٿا.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ مختصر وڊيو ۾ ماريا بي دعويٰ ڪئي ته اگست ۾ لاهور ۾ ٽرانس جينڊرز جي هڪ ڊانس پارٽي ٿي، جتي شيطاني نشان ۽ علامتون به ظاهر ڪيون ويون.
سندس چوڻ هو ته اِهي وڊيوز ڪجهه نوجوان ۽ نابالغ ٻارن هن ڏانهن موڪليون جيڪي پارٽيءَ ۾ ويا هئا پر کين خبر نه هئي ته اتي اهڙو ماحول هوندو.
ماريا بي وڌيڪ چيو ته ممڪن آهي اها پارٽي فلمساز سرمد کوسٽ جي گهر ٿي هجي ۽ جلد ئي پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊرز تي ٻڌل فلم ”جواءِ لينڊ“ به نمائش لاءِ ايندي.
هن جو چوڻ هو ته پارٽيءَ ۾ اسٽيج تي فحش پرفارمنس ڏيکاري وئي، جڏهن ته شيطاني نشانين جي پڻ تشهير ڪئي وئي.
فيشن ڊيزائنر سوال اُٿاريو ته پنجاب حڪومت، پوليس ۽ وفاقي ادارا ان حوالي سان ڇا ڪري رهيا آهن؟
هن پنهنجي وڊيو جي شروعات ۾ هدايت ڪئي ته ٻار ۽ نابالغ نه ڏسن، جڏهن ته پنهنجي ڪلپ ۾ مبينا پارٽيءَ جون ڪجهه منظر پڻ ڏيکاريا.
ماريا بي جي وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدار سخت ردعمل جو اظهار ڪندي پنجاب حڪومت، پوليس ۽ وفاقي حڪومت کان پارٽي ڪرائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.