شاهه عبداللطيف پبلڪ هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ يومِ آزادي جو پرجوش پروگرام، پرچم ڪُشائي ۽ قومي ترانو

Spread the love

ڄامشورو( رپورٽ :محمد وارث جتوئي)شاهه عبداللطيف پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ يومِ آزادي جو شاندار پروگرام ٿي گذريو خدا جي بستي، ڪوٽڙي — شاهه عبداللطيف پبلڪ هاءِ اسڪول خدا جي بستي سائٽ ڪوٽڙي ۾  14 آگسٽ يومِ آزادي جو هڪ يادگار ۽ پرجوش پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام جي منظوري اسڪول جي پرنسپل اصغر علي مڱريو ڏني،

جڏهن⁠ت⁠ه عملي انتظامات حمزه علي مڱريي جي نگراني هيٺ ڪيا ويا. پروگرام ۾ اسڪول جي سمورن استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سينيئر استاد سر غلام شبر ۽ سر ابراهيم به خاص طور موجود هئا.  تقريب جي شروعات قومي پرچم ڪُشائي سان ٿي، جنهن کان پوءِ شاگردن قومي ترانو پڙهيو.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو