سڪرنڊ ۾ چھلم جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس، امام حسينؑ جي قربانين کي خراج عقيدت

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ چھلم جي موقعي تي روايتي ماتمي مرڪزي جلوس بخاري شاھ ناٿن شاھ کان برآمد ٿي مختلف رستن کان قافلا ڪاميٽي اڳواڻ سيد سبحان علي شاھ ، سيد احسان علي شاھ ، حاجي پير بخش ڪيريو علي شير ملاح، حضور بخش ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ماڇين جي امام بارگاھ کان ٿي ،
چانڊيا امام بارگاھ پھچي نماز ظھرين ادا ڪرڻ بعد قاضي سرفراز چوڪ پھچي ، امام حسين عليه السلام جي ڏنل لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سينا زني ، زنجير ، گرزن جو ماتم ڪري اسٽيشن روڊ پھچي مجلس عزا برپا ڪري رات جو درگاھ بخاري ناٿن شاھ نھر ٿيندو جڏهن تہ ماتمي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ اسڪائوٽ ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي
۽ ھمدرد فري ايمبولينس سروس سميت تعلقا اسپتال سڪرنڊ جو ڊسپينسري عملو ۽ ايمبولينس عزادارن کي فرسٽ ايڊ ڏئي رهيا آهن
آگسٽ 16, 2025