سول اسپتال ٺٽو جي ليبارٽري ۾ مبينا ڪرپشن ۽ پٿالوجسٽ جي غير موجودگي تي ڳڻتي، مالي انڪوائري جو مطالبو

ٺٽو ( رپورٽ: نظير احمد قريشي) پٿولاجسٽ جي غير موجودگي باوجود ليبارٽري کي فعال رکيو ويو آهي. ليبارٽري جا اهم تشخيصي ڪم غير تجربيڪار عملو يا ٽيڪنيشنز جي حوالي آهن، پر حڪومتي خزاني کي به ڪروڙين رپين جو ذرائع مطابق ليبارٽري جي مالي معاملا مڪمل طور تي غير شفاف آهن. ڪروڙين رپين جي سامان جي خريداري، ڪيميڪلز ۽ ليبارٽري مواد جي سپلاءِ ۾ مبينه جعليون رسيدون ۽ اوور بلنگ جون شڪايتون سامهون آيون آهن.
انهن الزام هيٺ خاص طور تي ٽي اهم شخصيتون اچي رهيون آهن جن ۾ ڊاڪٽر يامين شاھ (سول سرجن، سول اسپتال ٺٽو) ڊاڪٽر سرور شيخ (انتظامي آفيسر) جيڪو پيٿالوجي ليبارٽري سِوِل اسپتال ٺٽو جو انچارج آهي ، ملڪ آدم (ريجنل ڊائريڪٽر، مرف سنڌ) انهن تي الزام آهي ته انهن جي ملي ڀڳت سان ليبارٽري جون خريداريون، اسٽاف ڀرتيون ۽ رپورٽنگ سسٽم ۾ غير قانوني طريقا اختيار ڪيا ويا آهن، پٿولاجسٽ جي غير موجودگي هڪ سنجيده غفلت مرف جي انتظاميه طرفان ڪئي وئي آهي ،
اُن سان گڏو گڏ ڊائلاسز سينٽر تي غير تربيت يافتہ عملو جنهن ۾ نه ٽيڪنيڪل رحمت الله ميمڻ ڊائلاسز جي مريضن کي موت جي منهن ۾ پهچائي رهيو آهي اُن جي لاءِ هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران سخت اعتراض جي باوجود اڃان تائين غريب مريضن کي ناسور بڻايو آهي جنهن کي مرف جي ملڪ آدم ، سِوِل سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه ، رٽائر ڊاڪٽر سرور شيخ جي سپوٽ حاصل آهي جو اُنھن ڪئي بجيٽ ، ڏونيشن ، مريضن کان 500 رپيا ڊائلاسز ڪرڻ جا وٺي سڄو مال مٿين آفيسرن کي ونڊ ورڇ ڪري کارائي رهيو آهي
اُن کان علاوه ليبارٽري جا روز جي بنياد تي پئسا کائي رهيا آهن جنهن جو ڪوڙو ريڪارڊ ٺاهي رهيو آهي جنهن جي ڪا به انڪوائري نٿي ڪئي وڃي ، صوبائي صحت پاليسين موجب ڪا به سرڪاري ليبارٽري پٿولاجسٽ جي بغير هلائي نه ٿي سگهي. پر سول اسپتال ٺٽو ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پٿولاجسٽ جي پوسٽ خالي آهي، ۽ ان جي باوجود رپورٽون جاري ٿي رهيون آهن، جيڪي قانوني، طبي ۽ اخلاقي طور ناقابل قبول عمل آهي. مالي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا گذريل ٽن سالن جي ليبارٽري خرچن جي جاچ ڪري
آگسٽ 16, 2025