سانگهڙ ويجهو لغاري برادري ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ، ڊاڪٽر معروف لغاري قتل، وارثن جو احتجاج

Spread the love

سانگھڙ(رپوٽ:شاهنواز رونجهو)سانگھڙ ويجھو لغاري برادري جي ڌرين ۾ زميني تڪرار تان فائرنگ، ڊاڪٽر معروف لغاري قتل. سانگهڙ شهر جو رھواسي 50 سالہ مقتول معروف لغاري باکوڙو موري تي پنھنجي ٻني تي وڃي رھيو ھو تہ لغاري برادري جي ماڻھن مبينه پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پھتي لاش کي ضروري ڪاروائي لاء اسپتال پھچايو جنھن کان بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،

وارثن پاران مقتول جو لاش چوٽياريون روڊ تي رکي احتجاج ڪيو ویو، اھڙي افسوسناڪ خبر ٻڌندي ئي مقتول جي گھر ڀاتين ۾ ڪهڙا پڻ مچي ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف و حراس ڇانيل رهيو. جڏھن ته واقعي جو آخريد اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مٺڙائو ڪئنال تي باکوڙو موري ڀر سان لغاري برادري جي ٻن ڌرين جو زرعي زمين تان ڪيترن سالن کان تڪرار ھلندڙ ھو جنھن تان اھو واقعو پيش آيو.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو