جي يو آءِ اڳواڻ مفتي ڪفايت الله جي گهر تي فائرنگ، پٽ ۽ ڌيءُ مارجي ويا، پاڻ ۽ گهرواري زخمي

مالاڪنڊ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي مالاڪنڊ جي علائقي بٽ خيلا ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ضلعي امير مفتي ڪفايت الله جي گهر تي فائرنگ جي نتيجي ۾ مفتي ڪفايت ۽ سندس گهر واري سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سندن پٽ ۽ ڌيءَ حياتي وڃائي ويٺا.
ليويز اختيارين موجب فائرنگ ۾ مفتي ڪفايت جو پٽ عصمت الله ۽ ڌيءَ مارجي ويا، فائرنگ مفتي ڪفايت الله جي ٻئي پٽ اعتصام ڪئي، جيڪو واردات کان پوءِ فرار ٿي ويو.
فائرنگ جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي جا سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار نشي جو عادي آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي.