ايم پي اي راڻا همير سنگهه سوڍو سميت سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو سيد غلام رسول شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

Spread the love

ڇور ( رپورٽ: لالجي سوڍو ) ايم پي اي سنڌ راڻا همير سنگهه سوڍو پاران مرحوم سيد غلام رسول شاهه جو ٽڪ ڪيو ويو جڏھن تہ ڳوٺ کاروڙو سيد پھچي اسپيشل اسسٽنٽ سي ايم سنڌ راجوير سنگھ سوڍو، ڊپٽي جنرل ڊائريڪٽر اينگرو تيجوير سنگھ سوڍو، صوبائي وزير دوست علي راھمون،

صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ، ايم پي اي امير علي شاھ، سينيٽر پونجو مل ڀيل، اڳوڻو چيف خليفو فقير قادر بخش منڱريو، فقير غلام قادر منڱريو، وڏيرو جمال منڱريو، خضر حيات منڱريو، نور جادم منڱريو،يونين ڪائونسل چيئرمين ڪيلاش چارڻ، ڀوڏان چارڻ ۽ ٻين پھچي مرحوم ٻائو خان جي فرزند سڪندر علي شاھ سان تعزيت ڪئي ۽ گھري ڏک جو اظهار ڪيو جڏھن تہ تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو