آئس ڪريم کائڻ سان 40 ٻارن جي حالت خراب، اسپتال منتقل

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ خراب آئس ڪريم کائڻ سان 40 ٻارن جي حالت خراب ٿي وئي.
سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالهادي ڪاڪڙ موجب اسپتال منتقل ڪيل ٻارن مان 10 کي ڊسچارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڀني ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
هن ٻڌايو ته متاثر ٻارن جيڪا آئس ڪريم ۽ ڪيڪ کاڌا، اهي خراب هئا.

آگسٽ 16, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو