پڪو سيتا ۾ جشن آزادي ريلي، قومي نعرا ۽ شهيدن کي سلام

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) يوسي پڪو سيتا انتظاميا پاران چيئرمين سيد غلام حسن شاھ جي اڳواڻي ۾ جشن آزادي وارو ڏينهن جوش و جذبي سان ملهايو ويو ، ڳوٺ جي ھاء اسڪول کان چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  پاڪستان زنده آباد جا نعره هنيا ويا ، اسڪولن ۽ ٻين سرڪاري ادارن سميت شهرين ۾ مٺائي وئي ورهائي وئي ، ان موقعي تي چيئرمين يوسي پڪو سيتا سيد غلام حسن شاھ ،

وائس چيئرمين امام علي سولنگي ، يوسي سيڪريٽري محمد يوسف سولنگي ، عبداالله سومرو  ، رسول بخش ، عبدالقيوم سومرو ، عبدالوحيد خاصخيلي ، عبدالسميع سومرو ، عارف ملاح ، سڪندر خاصخيلي ، راجارميز سومرو ۽ ٻين چيو ته 1947 ع ۾ جدوجهد ڪندڙن  پنهنجي عظيم  قربانيون ڏئي هي ملڪ  ٺاهيو ، انهن مجاهدن کي سلام پيش ڪيون ٿا  جن انگريز سامراج کان برصغير جي مسلمانن کي آزادي ڏياري ،  هنن چيو ته آزادي وڏي نعمت آهي ، آزادي جو قدر غلامي ۾ گهاريندڙ قومن کي وڌيڪ هوندو آھي ،

اڄوڪو عظيم ڏينهن پاڪ فوج جي نالي ڪيون ٿا  اسين پاڪ فوج سان هر ڏکئي سکئي وقت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون ، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي ،جن هن ملڪ جي بي لوڀ حفاظت ڪئي ، تازو پاڙيسري ملڪ هندستان سان لڳندڙ جنگ ۾ جن جوانن حصو وٺي  ملڪ جي حفاظت ڪئي انهن پاڪ فوج جي جوانن کي پڻ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ اسين هن ملڪ جي خير سالميت لاء دعاگو آهيون

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو