پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن طرفان قوم کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن طرفان پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان آغا ۽ بابر اعظم سميت ٻين رانديگرن ۽ ٽيم انتظاميا جي ميمبرن طرفان حب الوطني ۽ اتحاد جو پيغام ڏنو ويو.
محمد رضوان عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي، جڏهن ته سلمان آغا شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي ملڪ کي صاف سٿرو رکن.
بابر اعظم چيو ته ياد رکو، اڄوڪي ڏينهن تي ئي پاڪستان قائم ٿيو، هي ڏينهن اسان کي سڃاڻپ ڏئي ٿو ۽ اسان کي قوم طور گڏ ڪري ٿو.