هانيا عامر سُونهن ۾ امبر هرڊ ۽ ايما واٽسن کي به ماري وئي

Spread the love

ناليواري اداڪارا هانيا عامر هڪ ٻيو عالمي اعزاز حاصل ڪري ورتو، کيس دنيا جي خوبصورت ترين اداڪارائن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
هانيا عامر واحد پاڪستاني اداڪارا آهي، جنهن کي ان فهرست ۾ جاءِ ڏني وئي آهي.
فلمن، ڊرامن ۽ ويب سيريز جي ريٽنگ ۽ شوبز شخصيتن جا پروفائل تيار ڪندڙ ڪمپني ”انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس“ (آءِ ايم ڊي بي) 2025 ۽ 2026 جي 10 خوبصورت ترين اداڪارائن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هانيا عامر کي ڇهين نمبر تي رکيو ويو آهي.
فهرست ۾ ڏهين نمبر تي ترڪ اداڪارا ۽ ماڊل هاندي آرچل شامل آهي، جيڪا پنهنجي فلمن سبب تمام مشهور آهي.
نائين نمبر تي هالي ووڊ اداڪارا امبر هرڊ، اٺين نمبر تي اداڪارا ۽ پروڊيوسر ايما واٽسن، جڏهن ته ستين نمبر تي آنا دي آرمس کي رکيو ويو آهي.
بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن پنجين نمبر تي آهي ۽ اها هن فهرست ۾ شامل واحد ڀارتي اداڪارا آهي.
چوٿين نمبر تي ڏکڻ ڪوريا جي اداڪارا نينسي مڪڊوني، ٽئين نمبر تي چيني اداڪارا دلرابا دلمورت ۽ ٻئي نمبر تي آمريڪي اداڪارا شيلني وڊلي آهي.
آسٽريليا جي 35 ورهين جي اداڪارا مارگوٽ روبي کي ان فهرست ۾ پهرئين نمبر تي رکيو ويو آهي.
هانيا عامر جيتوڻيڪ حسن جي لحاظ سان ڀارتي اداڪارا ڪريتي سينن کان پوئتي آهي پر هن امبر هرڊ ۽ ايما واٽسن جهڙين ناليوارين اداڪارن کي پوئتي ڇڏيو آهي.

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو