ملير پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: ٻن درجن ڪيسن ۾ گهربل بدنام ڏوهاري علي خان مھر گرفتار

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) سائيٽ سپر ھاء وي پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن درزن ڪيسن ۾ گهربل بدنام ڏوهاري علي خان مھر کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ڪجھ ارثو پھرين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊيوزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول جي پٽ کان 125 موٽر سائيڪل روڪ رقم قيمتي موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويو هو، جنهن مٿان ڪراچي سميت لاڙڪاڻو، سڪرنڊ ۽ ٻين ٿاڻن ۾ ٻن درزنن کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن،
سنگين ڪيسن ۾ گهربل بدنام ڏوهاري کي سائيٽ سپر ھائيوي ٿاڻي جي ايس ايڇ او خالد عباسي پوليس پاٽي سميت ڪامياب ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو، سائيٽ سپر ھائيوي پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او مخبر خاص جي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي مختلف ٿاڻن سميت لاڙڪاڻو، سڪرنڊ ۽ ٻين ٿاڻن ۾ 2 درزنن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل ۽ پوليس ڪسٽڊي مان فرار ٿيل بدنام ڏوهاري علي خان ولد حاجي رباب مھر کي ڪامياب ڇاپو هڻي 9 ايم ايم پستول، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو،
ان موقعي تي ايس ايڇ او سائيٽ سپر ھائيوي خالد عباسي صحافين کي ٻڌايو ته ملزم علي خان مھر مٿان سائيٽ سپر ھائيوي ٿاڻي سميت ڪراچي جي ٻين ٿاڻن ۽ لاڙڪاڻي، سڪرنڊ ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن، ملزم اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي، ۽ پوليس ڪسٽڊي مان به فرار ٿيل ھو، ھوڏانھن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊيوزن صدر جي پٽ سجاد علي گبول سائيٽ سپر ھائيوي پوليس ٿاڻي تي پهچي ملزم کي سڃاڻپ ڪندي چيو ته اھو ڦورو آهي
جنهن اسان کان ساٿين سميت 125 موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويو ھو، پوليس انويسٽيگيشن جي آئي او صوبو خان جتوئي چيو ته ھي وڏو ڏوهاري آهي جاچ ۾ اڃان وڌيڪ ڏوھن جو انڪشاف ڪندو اسان ان چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ھن جي گينگ جي ٻين ڏوهارين کي به گرفتار ڪري وٺون ،
آگسٽ 15, 2025