صدر ۽ وزيراعظم پاران برسات ۽ ٻوڏ سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو .
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي متاثرن لاءِ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون .
صدر آصف زرداري چيو آهي ته متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو