شهيد بينظير آباد ۾ پلاسٽڪ بيگز تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ اجلاس

Spread the love

نوابشاهه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند ) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ پلاسٽڪ بيگز جي وڪري ۽ استعمال جي روڪٿام بابت هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيوان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سنڌ حڪومت طرفان پلاسٽڪ بيگز جي تياري، وڪري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت ضلعي ۾ ماحولياتي آلودگي جي خاتمي ۽ عوامي صحت جي تحفظ لاءِ پلاسٽڪ بيگز جي تياري، خريد، وڪري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي هوندي۔ ڊپٽي ڪمشنر تاجر برادري کي هدايت ڪئي ته سمورا دڪاندار، تجارتي مرڪز ۽ مارڪيٽون فوري طور تي پلاسٽڪ بيگز جي خريداري ۽ استعمال ختم ڪن، ۽ ان جي جاءِ تي ماحول دوست بيگز استعمال ڪن۔ هن وڌيڪ چيو ته 30 آگسٽ تائين سڀ هول سيلر ۽ دڪاندار پلاسٽڪ بيگز جو وڪرو ۽ استعمال بند ڪن،

ٻي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙن تي ڏنڊ ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي اجلاس ۾ ريجنل انچارج سيپا شهيد بينظير آباد علي محمد رند پلاسٽڪ جي ماحولياتي نقصانن ۽ پابندي جي ڪامياب نفاذ ۾ عوامي سهڪار جي اهميت بابت آگاهي ڏني۔ان موقعي تي ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي، ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ، ٽائون چيئرمين سيد عاطف زيدي، محمد حيات ڪاڪيپوٽو، صدر چيمبر آف ڪامرس ڊاڪٽر محمد ايوب، شهري تاجر اتحاد جي ضياءُ الرحمن، انجمن تاجر اتحاد جي ڪامران قيوم قريشي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو