سڪرنڊ ۾ چهلم امام حسينؑ تي اصغريه علم و عمل تحريڪ جي اربعين ريلي ۽ مجلس

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) امام اعلي مقام سيدنا حسين عليه السلام جن جي چهلم جي سلسلي ۾ اصغريه علم و عمل تحريڪ پاران دادواھ کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين اربعين ريلي ڪڍي وئي جيڪا چوڪ تائين هزارين ماڻھن جي اجتماع ۾ تبديل ٿي وئي جتي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي ريليءَ ۾ سوين عورتن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيد ماجد شاھ ، عباس علمدار ، محسن هيسباڻي ، احسان علي شاھ ،

منظور شاھ ۽ وقار نور ڪيريو الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته اصغريه علم و عمل تحريڪ هر سال جيان هن سال به سيد امام حسين عليه السلام جي چهلم جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي آهي جنهن کي  مشي جو نالو ڏنو ويو آهي هنن چيو ته هر سال ريليءَ ۾ عوام جو تعداد وڌڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته سيدنا حسين عليه السلام جي قربانينن کي ياد ڪيو پيو وڃي

هنن وفاقي سرڪار پاران اربعين تي پيادل سفر تي پابندي جي مذمت ڪندي چيو ته اوهان ڀلي ڪيتريون به پابنديون هڻو پر اربعين جا پانڌيئڙا ڪڏھن به گهٽ نه ٿيندا ھوڏانهن همدرد فري ايمبولينس سروس جي ريسڪيو ٽيم ۽ پوليس جي نفري پڻ جلوس سان گڏ ھئي

آگسٽ 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو