دادو ۾ چهلم امام حسينؑ تي پيادل مشي جلوس، مجلس عزا ۽ ماتمي جلوسن جا سخت سيڪيورٽي انتظام

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو ۾ ڪربلا جي شهيد مولا امام حسين عليہ اسلام جي چهلم جي موقعي تي دادو شهر کان 8 ڪلو ميٽر پري ڳوٺ قاسم آباد کان هزارين مومن پيادل مشي جلوس برآمد ٿيو، جنهن دوران ڪربلا جهڙا منظر ڏسڻ وٺان مليا جنهن دوران هزارين زبانن تي لبيڪ يا حسين ع جي صدا اکين ۾ لڙڪ وهائيندا هزارين شعيه نوجوان، پيرسن، ٻار هٿن ۾ علم پاڪ کڻي هر قدم تي يا غازي عباس جي صدا سان مشي پيادل سفر شروع سيد فدا حسين ڪاظمي، علي گل گوپانگ،
مشتاق حسين گوپانگ ۽ ٻين جي قيادت ۾ ڪيو جيڪو دادو شهر جي مک روڊ رستن کان ٿيندي نيو چونڪ ٿيندي دادو شهر جي مرڪزي امام بارگاھ حيدري تي پهتو جتي امام حسين عليہ اسلام سندس 72 جانثارن جي چهلم جي موقعي تي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، مجلس عزا کي سنڌ جي مشهور مولانا ابرار نجفي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا ۾ امام حسين ع ۽ سندس جانثارن جي قرباني انسان ذات لاء هڪ درس آهي،
ڪربلا عشق، ايمان ۽ خدا سان پيار ڪرڻ جو نالو آهي، اڄ ڪربلا ۾ ڪروڙين انسان پهچي امام حسين عليہ اسلام سان پيار ۽ عقيدي جو سبق ڏين ٿا، امام حسين ع پنهنجي نانا رسول خدا ﷺ سان ڪيل واعدو وفا ڪري اسلام جو نالو بلند ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڪربلا ۾ 72 ساٿين پنهنجي امام جي لبيڪ جي صدا تي پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي پنهنجي امام سان پيار جي اعليٰ مثال ڏني واضع ڪيو ته رسول خدا جي گهرڀاتين لاءِ جان مال قربان آهي،
مجلس عزا بعد ڪربلا جي شهيدن جا 72 تابوت برآمد ڪيا جيڪو ماتمي جلوس جي صورت ۾ دادو شهر جي ڪربلا چونڪ کان ٿيندي شاهي بازار کان ٿيندي دادو شهر جي نيو چونڪ تي پهتو جتي هزارين مومن زنجير زني، چاڪو زني، بليڊن ۽ سيناڪوبي جو ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري محبت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته دادو شهر جي مختلف روڊ رستن تي ٿڌي پاڻي جي سبيل ،نياز نگر جا وڏا انتظام ڪيا ويا،ايس ايس پي دادو پاران ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي،
آگسٽ 15, 2025