دادو: حاڪم علي شاھ بخاري آڊيٽوريم ھال ۾ خلق جي خدمت آرگنائيزيشن پاران جشن آزادي تقريب

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو جي حاڪم علي شاھ بخاري آڊيٽوريم ھال ۾ خلق جي خدمت آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ميڊم روزينا جتوئي، جنرل سيڪريٽري مجيدان جمالي ۽ سندن پوري ٽيم پاران جشن آزادي جي حوالي سان ھڪ شاندار ۽ پرجوش تقريب جو اهتمام ڪيو ويو۔ تقريب ۾ اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو، اڳوڻي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ، سماجي اڳواڻ ۽ زندگي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرمين محمد بخش ڪورائي، پرنسپال ڊگري ڪاليج پروفيسر عرفان ڪلهوڙو،
صدر دادو پريس ڪلب صابر ڀنڊ، غوث جھتيال، ڪامران ڪورائي، ديدار علي شيخ، آصف سومرو، حبدار ٻٻر صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري وطن سان محبت جو جذبو اجاگر ڪيو، جڏهن ته شاگردن پاران آزادي جي حوالي سان تقريرون پڻ ڪيون ويون۔ تقريب سان خطاب ڪندي چيئرپرسن ميڊم روزينہ جتوئي چيو ته پاڪستان اسان کي وڏين قربانين بعد حاصل ٿيو آهي، جنهن جي حفاظت ۽ خوشحالي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي۔
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن، انهن کي تعليم، شعور ۽ محنت سان اڳتي وڌي پاڪستان کي دنيا جي صف اول ۾ آڻڻو پوندو آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ گڏيل دعا ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن چيو ته جشن آزادي جهڙيون تقريبون قومي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون،
آگسٽ 15, 2025